اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير مريم اورنگزيب اداڪارائن جي ڪردارڪشيءَ ڪندڙ عنصرن جي شديد مذمت ۽ ايف آءِ اي کان قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته بدتميزي، بدتهذيبي ۽ ڪردارڪشيءَ جي غليظ مهم جو ڪلچر ڦهلائيندڙن جي پوري ??عاشري ??اران مذمت ٿيڻ گهرجي، رڳو پنهنجي مائرن، ڀينرن جي عزت جي فڪر ۽ باقي دنيا جي عورتن جي عزت نه ڪندڙ عنصر ذهني بيمار آهن، اختلاف ر??ءِ ڪندڙن کي گاريون ڏيڻ، مائرن ڀينرن، ڌيئرن جي عزت نه ڪرڻ، گهرن تي حملا، گهيراءُ ڪرڻ ۽ هراسان ڪرڻ ”گهريلو تربيت“ جي علامت هوندي آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته اداڪار ملڪ جو اثاثو ۽ پاڪستان جي سڃاڻپ آهن، بيمار ذهن ئي انهن تي حملا ڪن ٿا. هن چيو ته فنڪار معاشري ۾ پنهنجي محنت سان مقام حاصل ڪري ??و، اهي مشڪلاتن ??ي منهن ڏئي عوامي مقبوليت ما??ين ٿا. هن چيو ته عورتون سياست، صحافتن، فن يا ڪنهن به شعبي ۾ ڪو مقام ما??ين ته انهن جي ڪردارڪشيءَ شروع ڪئي وڃي ٿي، عورتن جي خلاف اها بدنما مهم رڳو عورت هجڻ جي ڪري ??لائي وڃي ٿي. هن چيو ته عورتن جي محنت، جدوجهد ۽ صلاحيتن جو اعتراف ۽ احترام ڪرڻ بدران گند اڇلائڻ شرمناڪ آهي، عورتون حوصلي، همت ۽ منزل کي هاصل ڪرڻ جي عزم جي علامت بڻجي چڪيون آهن، اهڙي بي هودگي انهن جي ڪاميابين جو سفر نه ٿي روڪي سگهي.