اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سياسي قيادت پاران بلوچستان جي عوام سان هيٺئين سطح تي رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي، بلوچستان جي ترقي جي لاءِ ان جي انساني ۽ قدرتي وسيلن تي س??ڙپ??اري ڪرڻي پوندي، ريڪوڊڪ ۽ ٻيا منصوبا بلوچستان جي مختصر عرصي ۾ خوشحال بڻائي سگهجن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن تعليمي دوري تي آيل ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهلو، بلوچستان جي ڪيڊٽس س??ن ملاقات دوران ڪيو. صدر چيو ته سياسي قيادت پاران بلوچستان جي عوام سان هيـٺئين سطح تي رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي، بلوچستان جي ترقي جي لاءِ ان جي انساني ۽ قدرتي وسيلن تي س??ڙپ??اري ڪرڻي پوندي. هن چيو ته قومي ۽ صوبائي قيادت عوام س??ن مضبوط سياسي لاڳاپا قائم ڪري، بلوچستان جي نوجوانن کي صوبائي ۽ قومي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته بلوچست??ن معدنيات س??ن مالامال صوبو آهي، ماڻهو باصلاحيت ۽ بهادر آهن، ريڪوڊڪ سميت ٻيا منصوبا بلوچستان کي مختصر عرصي ۾ خوشحال بڻائي سگهن ٿا، بلوچستان جي قدرتي وسيلن کي بهترين عالمي طريقيڪار اختيار ڪري ترقي ڏئي سگهجي ٿي. هن چيو ته پنهنجا نوازي ۽ بدعنواني جو خاتمو، ميرٽ ۽ شفافيت جو فروغ قوم جي تعمير جي لاءِ ضروري آهي، ماضي جي غلطين مان سبق سکڻ، ذاتي م??اد?? ۽ ان??ءَ کي ختم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، مناسب پرورش ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن جي ڪردارسازي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، سياسي استحڪام ۽ پاليسين جو تسلسل مالي، سماجي ۽ اقتصاد استحڪام حاصل ڪرڻ، واپار ۽ س??ڙپ??اري جي فروغ جي ڪنجي آهي، سموريون ڌريون پنهنجي ان??ءَ ۽ انتهائي رويي کي هڪ طرف رکن، عظيم تر قومي مفاد کي مٿانهون رکن. صدر چيو ته شاگرد سڄي زندگي علم هاصل ڪرڻ کي جاري رکن، پنهنجي صلاحيتن کي مسلسل نکارين، شاگرد پنهنجي اخلاقي ۽ خانداني قدرن کي برقرار رکندي صحيح ترجيحن جو تعين ڪن. صدر معياري گريجوئيٽس تيار ڪرڻ تي پاڪستان جي ڪيڊٽ ڪاليجز کي ساراهيو.