اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان افغان عملدارن تي زور ڏنو آهي ته اهي افغانستان ۾ شاگردياڻين جي لاءِ يونيورسٽي ۽ اعليٰ تعليم جي معطلي جي في??لي تي نظرثاني ڪن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي افغانستان جي شاگردياڻين جي لاءِ يونيورسٽي ۽ اعليٰ تعليم جي معطلي بابت ڄاڻي ما??وسي ٿي آ??ي. ??رجمان چيو ته ان معاملي تي پاڪستان جو موقف واضح آهي ۽ اسان جو پڪو يقين آهي ته هر مرد ۽ عورت کي اسلام جي حڪمن موجب تعليم حاصل ڪرڻ جو فطري حق حاصل آ??ي. ??يان ۾ افغان عملدارن تي زور ڏنو ويو آهي ته اهي ان فيصلي تي نظرثاني ڪن.