اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڳوڻي چيني صدر جيانگ زي م?? جي لاڏاڻي تي تعزيت جي اظهار لاءِ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو، هن پاڪستا?? جي حڪومت ۽ عوام پاران چيني قيادت ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر چيني سفير نونگ رونگ سان پڻ تعزيت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب چيني سفارتخاني جي دوري جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته اڳوڻي چيني صدر جي لاڏاڻي تي گهرو ڏک ۽ افسوس ٿيو. منهنجا خيال ۽ مخ??صا??يون دعائون اڳوڻي صدر جي گهرڀاتين، دوستن ۽ چيني عوام سان گڏ آهن. صدر عارف علوي چ??و ته جيانگ زي من هڪ بهترين سياستدان ۽ ڏاهو اڳواڻ هو، اڳوڻي صدر ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي سطحن تي عالمي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏنو، جيانگ زيمن پاڪستان جو هڪ عظيم ۽ بااعتماد دوست هو. هن چ??و ته جيانگ زيمن ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ٻطرفي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل دوستي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ انمول ڪردار ادا ڪيو، اڳوڻي صدر پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ عوامي رابطن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چ??و ته پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ دوستي غيرمعمولي اعتماد، افهام ۽ تفهيم، اسٽريٽجڪر ابطي ۽ وسيع تر عملي تعاون تي ٻڌل آهي. هن چ??و ته پاڪستان سي پيڪ تحت منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، سي پيڪ منصوبا پاڪستا?? جي ڏورانهن علائق?? جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ حصيداري جي عڪاسي ڪن ٿا، سي پيڪ پاڪستا?? جي معاشي منظرنامي کي تبديل ڪيو آهي، خصوصي اقتصادي زونز کي جلد مڪمل ڪرڻ سيڙپڪاري کي تيز ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. صدر ڪورونا ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران چي?? جي فراخدلاڻي امداد تي ٿورا مڃيا. بعد ۾ پاڪستان ۽ چي?? جي سرڪاري ميڊيا کي جاري ڪيل پريس بيان ۾ صدر چي?? جي اڳوڻي صدر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چ??و ته تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ پائيدار امن، عالمي ۽ علائقائي معاشي ۽ مالياتي استحڪام ۾ چين کي مرڪزي حيثيت حاصل ٿي وئي آهي.