اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آه?? ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مسلسل مصروفيتن، ٻطرفي مٽاسٽا ۽ اعليٰ سطحي جي ??ورن جي ڪري گڏيل ??اڳاپا مثبت انداز ۾ اڳتي وڌي رهيا آه??. هڪ آمريڪي ٽيليويزن چينل ايم ايس اين بي سي کي انٽرويو ڏيندي پ??ڏيهي وزير چيو ته ماضي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 90 سيڪڙو ڳالهه ٻولهه دهشتگردي تي ٿيندي هئي جڏهن ته هن وقت 90 سيڪڙو ڳالهه ٻولهه اقتصادي تعاون ۽ دهشتگردي سميت ٻين شعبن تي ٿئي ٿي، اهو پاڪستان آمريڪا لاڳاپن جي لاءِ هڪ مثبت اشارو آه??. هن چيو ته ماضي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان کي اسان تبديل ??ه ٿا ڪري سگهون جڏهن ته ماضي مان سبق سکي سگهون ٿا ۽ حقيقت پسنداڻي اميدن سان هڪ ٻئي سان ڳنڍجي ??گهون ٿا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽوزرداري چيو ته ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي تي ڳالهه ڪرڻ بدران هڪ ٻئي سان ڳالهه ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي ??واب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ جي ڪري تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي لاءِ وڏي فنڊنگ جي ??رورت آه?? ته جيئن مستقبل ۾ ان کي ڪنهن به قدرتي آفت جي ڏس ۾ مضبوط ۽ جٽادار بڻائي سگهجي ??نهن سان ممڪن نقصانن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.