استنبول – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته پاڪستان ۽ ترڪيه امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيا آه??، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ۽ حصيداري جارحيت نه پر دفاع جي لاءِ آه??، پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا منفرد نوعيت جا آه?? جن کي ڪير به ڪمزور نه ٿو ڪري سگهي، ٻئي ڀائر ملڪ گڏجي ترقي ۽ خوشحالي جي منزل طرف وڃي سگهن ٿا، پاڪستان ۽ ترڪيه گڏجي ماحول دوست قدمن ۽ هاڃيڪار گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي، ونڊ، سولر ۽ پاڻي، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار استنبول شپ يارڊ تي پاڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين جهاز پي اين ايس خيبر جي افتتاحي تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ٻئي گهر ترڪيه جو دورو ڪرڻ تي کيس خوشي ٿي آه??، پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا ۽ ڀائيچاري جي ڏس ۾ هي عظيم ڏينهن آه??. وزيراعظم چيو ته اڄ جي تقريب ڏسي کيس 1920ع جون حالتون ياد اچن ٿيون جڏهن اسان جا ترڪ ڀينر ڀائر آزادي جي جنگ وڙهي رهيا هئا ۽ ننڍي کنڊ جا مسلمان پنهنجي ترڪ ڀينرن ڀائرن جي لاءِ آزادي جي ان عظيم جدوجهد جي لاءِ تحريڪ خلافت شروع ڪري رهيا هئا، ننڍي کنڊ جي مائرن ۽ ڀينرن پنهنجون چوڙيون، دڪاندارن، آبادگارن ۽ شاگردن چندو گڏ ڪري پنهنجي ترڪ ڀائرن جي عظيم جنگ جي لاءِ مدد فراهم ڪئي، اسان جا ابا ڏاڏا ڄاڻيندا هئا ته جيڪا به ڪوشش هو ڪري رهيا آه??، ترڪ قوم نه رڳو اها ياد رکندي پر ترڪيه پاڪستان سان مشڪل وقت ۾ به بيٺل رهندو. وزيراعظم چيو ته ترڪيه سدائين ٻوڏ، زلزلي ۽ آفت جي وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو آه??، ترڪيه پاڪستان کي ??يسڪيو ڪرڻ ۾ نه هٻڪيو، ننڍي کنڊ جي مسلمانن ترڪيه جي عوام جي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو اڄ ترڪيه جي اسڪولن، يونيورسٽين ۽ ڪاليجز ۾ نصاب جو حصو آه??. وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي دانشمنداڻي قيادت کي ??اراهيو ۽ چيو ته ان جي ويزن ۽ قيادت ترڪيه کي ??ديد معاشرو بڻايو آه??. وزيراعظم چيو ته رجب طيب اردوان جي سماجي ڀلائي جي منصوبن جي ڪري ترڪيه جي ڏورانهن علائقن ۾ به ماڻهن کي ??حت، تعليم، روزگار ۽ زراعت جون سهولتون ۽ صنعتي ترقي جا ثمر ملي رهيا آه??. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان پاڪستان نيوي جي لاءِ ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين جهاز پي اين ايس خيبر جي افتتاحي تقريب ۾ شريڪ آه??ون، پاڪستان ۽ ترڪيه امن ۽ استڪام جي لاءِ پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط ڪري رهيا آه??، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ۽ حصيداري جارحيت نه پر دفاع جي لاءِ آه??، امن سان رهڻ جي لاءِ جنگ جي لاءِ تيار ٿيڻ ضروري آه??. هن چيو ته هن منصوبي ۾ ٻنهي ملڪن جي نيول آفيسرز ۽ ورڪرن ٻنهي ملڪن جي پيداواري صلاحيتن ۾ اضافي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آه??. وزيراعظم چيو ته اڄ دنيا کي ??ڪرار درپيش آه??، يوڪرين جي جنگ عالمي برادري جي لاءِ خطرا پيدا ڪيا آه??، يوڪرين جي جنگ ۾ ترڪيه جي صدر جيڪا دانشمنداڻي حڪمت عملي اختيار ڪئي اها ساراهه جوڳي آه??، هن جنگ جي ڪري پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن کي ??نجيده مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آه??. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ اسرندڙ ملڪ آه??، پيٽرول، کاڄرو تيل ۽ خوراڪ جو اسان جو درآمدي بل 25 ارب ڊالر کان وڌيڪ آه??، انهي ڏس ۾ اسان شمسي توانائي، هوا ۽ پاڻي سان بجلي پيداوار جهڙن منصوبن تي ڌيان ڏئي رهيا آه??ون، اها ڳالهه خوش آئنده آه?? ته ترڪيه ان شعبي ۾ صلاحيت رکي ٿو، ترڪيه جا سيڙپڪار ان شعبي ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا، ترڪيه جا سيڙپڪار اڳ ۾ پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهيا آه??. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه کي گڏجي ماحول دوست قدمن ۽ مضر گئسن جي اخراج ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو ۽ ان ڏس ۾ ٻنهي ملڪن کي ??نهن شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اها ڳالهه به خوش آئنده آه?? ته ٻئي ملڪ ونڊ، سولر ۽ پاڻي سان مالامال آه??، انهن شعبن ۾ ٻئي ڀائر ملڪ تعاون ڪري سگهن ٿا جنهن سان پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ معنيٰ خيز بڻائي سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه ٻئي عظيم ملڪ آه??، اسان جي دل گڏ ڌڙڪي ٿي، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ وسيع تر صلاحيت موجود آه??، رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ انهن لاڳاپن ۾وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته تازو ئي جڏهن پاڪستان ۾ بدترين ٻوڏ آئي ته ترڪيه هڪ ڀيرو ٻيهر فرنٽ لائين تي رهيو، انهي رات صدر رجب طيب اردوان مون کي فون ڪئي ۽ چيو ته ترڪيه پاڪستان جي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته ترڪيه انساني همدردي جي بنياد تي 13 ٽرينون روانو ڪيون، 15 فوجي جهازن خوراڪ، خيما ۽ دوائون پهچايون، ترڪيه مان 6 ٽرڪ پاڪستان آيا، سنڌ ۾ رجب طيب اردوان سٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويو، رڳو هڪ ڀاءُ ۽ خاندان جو هڪ شخص ائين ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته جڏهن 2010ع ۾ پنجاب ۾ ٻوڏ آئي ته رجب طيب اردوان پنهنجي گهرواريءَ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سان گڏ پاڻ پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ڪيو، نه رڳو ترڪيه جي حڪومت پر استنبول ۽ انقره جي شهرين چندو گڏ ڪيو، ترڪيه جي صدر جي گهرواريءَ پنهنجي هار جو تحفو ڏنوجيڪو هن ڀائيچاري جو عظيم مظهر هو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا منفرد نوعيت جا آه?? جن کي ڪير به ڪمزور نه ٿو ڪري سگهي، ٻئي ڀائر ملڪ گڏجي ترقي ۽ خوشحالي جي منزل طرف وڃي سگهن ٿا. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پنهنجي گهر اچڻ تي هو وزيراعظم جي آجيان ڪري ٿو. هن چيو ته اڄ هڪ اهم منصبي جو افتتاح ٿي رهيو آه??. هن چيو ته پاڪستاني ڀينر ڀائر سدائين ترڪيه سان گڏ رهيا آه??، ترڪيه جي عوام جي دلين ۾ پاڪستان ۽ پاڪستانين جي لاءِ خصوصي مقام آه??، پاڪستان ۾ ايندڙ ٻوڏ جي تباهي ترڪيه جي عوام کي ڏکويل ڪيو، اسان پنهنجي صلاحيت موجب پنهنجي پاڪستاني ڀينرن ڀائرن جي امداد ڪئي. رجب طيب اردوان چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آه??. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ مصروف رهيو آه??، اسان کي پاڪستاني ڀينرن ڀائرن جي مشڪلاتن جي چڱي ريت ڄاڻ آه??، اسان دهشتگردي جي خطرن جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، ٻئي ملڪ دهشتگردي جي خلاف متحد آه??. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي دفاعي تعاون جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ٻطرفو دفاعي تعاون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جو ٿنڀ آه??، پاڪستان ۽ ترڪيه هر قسم جي دهشتگردي ۽ دهشتگرد تنظيمن جي خلاف گڏجي ڪم ڪندا، دهشتگردي جي خلاف اسان جي زيرو ٽالرنس جي پاليسي آه??. استنبول ۾ دهشتگردي جي تازي واقعي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته دهشتگردي جي حملن ۾ فوت ٿيندڙن کي ??نصاف ڏيڻ اسان جي ذميواري آه??، داعش جي خلاف اسان جنگ وڙهي آه??، اسان دهشتگردن ۽ انهن جي سرپرستن جي خلاف جنگ ۾ پرعزم آه??ون. هن چيو ته ترڪيه پنهنجي سرحدن تائين مخصوص نه آه?? پر پنهنجي سرحدن کان ٻاهر به پنهنجي ڀينرن ڀائرن جي مدد ڪري رهيو آه??، پاڪ بحريه جي لاءِ ملجم منصوبو انهي سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آه??. هن چيو ته 2002ع ۾ ترڪيه وٽ 52 دفاعي پراجيڪٽس هئا جيڪي هاڻي 700 کان وڌيڪ آه??، ان وقت 5.5 ارب ڊالر جي دفاعي پيداوار جي بجيٽ هئي جيڪا اڄ 75 ارب ڊالر آه??. هن چيو ته هن سال پاڪستان سان ٻطرفو واپار 4 ارب ڊالر کان وڌي ويندو، پاڪستان ۽ ترڪيه انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آه?? جيڪي جنگي جهاز ٺاهي سگهن ٿا، اسان پنهنجي پاڪستان جهڙن ڀائرن ۽ اتحادين سان گڏجي پنهنجي دفاعي صنعت کي ??رقي ڏئي رهيا آه??ون. هن چيو ته دفاعي پيداوار جي صنعت ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو، ڪارويٽ ملجم انهي سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آه??. هن چيو ته اسان پاڪستان سان دفاعي پيداوار سميت سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا، پاڪستان نيوي جي لاءِ ملجم منصوبو اسان جي لاءِ مشعل راهه آه??، ان منصوبي کي ??قيقت جو روپ ڏيندڙ انجنيئرز ۽ ماهرن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل امجد خان نيازي تقريب کي ??طاب ڪندي چيو ته اها اعزاز ۽ فخر جي ڳالهه آه?? ته پاڪ نيوي جي لاءِ جديد ترين جهاز جو افتتاح ٿي رهيو آه??، اهو هڪ اهم سنگ ميل آه?? جنهن تي هو ترڪيه جي صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي مبارڪباد ڏي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي اعليٰ قيادت جي موجودگي سان پاڪ ترڪيه ويجهن لاڳاپن جي عڪاسي ٿي رهي آه??، پاڪستان ۽ ترڪيه جا خصوصي تاريخي لاڳاپا آه?? جيڪي وقت جي آزمائش تي پورا لٿا آه??، ان جي عڪاسي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي تعاون سان به ٿي رهي آه??. هن چيو ته پاڪستان نيوي جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٻه استنبول نيوي شپ يارڊ ۽ ٻه ڪراچي ۾ ٺهي رهيا آه??. پي اين ايس بابر جو آگسٽ 2022ع ۾ استنبول ۾ افتتاح ٿيو جڏهن ته مئي ۾ ٻيو جهاز ڪراچي ۾ مڪمل ٿيو جنهن جي افتتاحي تقريب ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ ترڪيه جي دفاع واري وزير شرڪت ڪئي. هن چيو ته ملجم پراجيڪٽ نه رڳو جنگي جهاز آه?? پر اهو ٽيڪنالاجي جي منتقلي جو اهم منصوبو آه?? جيڪو جناح ڪلاس وار شپ جي اڳئين جنريشن جي هڪ ڪڙيءَ آه??. هن چيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوج جي وچ ۾ پائيدار لاڳاپن جو هڪ بهترين مظهر آه??. پاڪ بحريه جي سربراهه چيو ته پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ اهميت رکندڙ آه??، خطي ۾ پنهنجي سامونڊي حدن ۾ امن ۽ استحڪام اسان جي لاءِ اهميت رکندڙ آه??. هن چيو ته هن منصوبي سان پاڪ بحريه جي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو جيڪو عالمي واپار ۽ معيشت جي ترقي کي پڻ يقيني بڻائيندو. دفاعي پيداوار واري وزير اسرار خان ترين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ٻئي ملجم ڪلاس جهاز جو افتتاح خوش آئنده آه?? ۽ ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ مضبوط دفاعي تعاون جي عڪاسي ٿي رهي آه??، هي منصوبو وقت جي ضرورت آه?? ۽ اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائيندو. ترڪيه جي دفاعي صنعت صدر اردوان جي قيادت ۾ ٻن ڏهاڪن ۾ ترقي ڪئي آه??، ترڪيه جي دفاعي پيداوار جا ڪيترائي ادارا ??ڄي دنيا ۾ مشهور آه??، آئيڊياز ۾ 28 ترڪيه دفاعي ڪمپنين شرڪت ڪئي. هن چيو ته اسان کي ??لامتي جا چئلينجز درپيش آه?? جنهن ۾ نيوي جي ذميواري تمام گهڻي وڌي وئي آه??، اسان کي يقين آه?? ته ملجم جهازن جي شموليت سان قومي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه عقيدي ۽ تهذيبي طور تي هڪ جهڙا آه??، ٻئي ملڪ ڪشمير ۽ قبرص تي هڪ ٻئي جي موقف جا حامي آه??، اسان ڪلهو ڪلهي سان ملائي دهشتگردي سميت سمورن خطرن جي خلاف بيٺل آه??ون، ملجم ايڊوانس ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرائي ۾ سنگ ميل ٿابت ٿيندو. ان کان اڳ ترڪ صدر ۽ استنبول جي گورنر شپ يارڊ اچڻ تي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. صدر اردوان وزيراعظم کي ??قريب جو بيج لڳايو ۽ وزيراعظم جو ترڪ عملدارن سان تعارف ڪرايو. تقريب جي شروعات تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. واضح رهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ملجم منصوبو پاڪستان – ترڪيه اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ان کان اڳ پاڪ بحريه جي لاءِ پهرين ڪارويٽ پي اين ايس بابر جي لانچنگ تقريب آگسٽ 2021ع ۾ استنبول ۾ ٿي جڏهن ته ٻئي جهاز بدر جي پيڙهه جو پٿر مئي 2022ع ۾ ڪراچي ۾ رکيو ويو. وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سيد نويد قمر ۽ محمد اسرار ترين پڻ ان موقعي تي موجود هئا.