اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪينيا ۾ سينيئر صحافي ارشد شريف سان پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي جي اعليٰ عدالتي ڪ??يشن کان جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو آه?? ته واقعي جون حقيقتون قوم آڏو آڻينداسين، يقين ڏي??ريان ٿو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ويندي. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڪينيا ۾ سينيئر صحافي ارشد شريف سان جيڪو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، اهو انتهائي مذمت جوڳو آهي، پاڪستان جي عوام جي ان مارجڻ تي انتهائي ڏکويل آهي ۽ ان واقعي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن سعودي عرب روانو ٿيڻ کان اڳ مون ڪينيا جي صدر سان پاڻ ڳالهه ڪئي ۽ ان کي گذارش ڪئ?? ته واقعي جي جاچ رپورٽ اسان کي فوري طور تي موڪلي وڃي ۽ مڙهه فوري پاڪستان موڪلڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ڪينيا جي صدر مون کي پورو يقين ڏي??ريو ته ان ڏس ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين، ڪينيا جي صدر ان واقعي تي همدردي جو اظهار پڻ ڪيو. وزيراعظم چيو ته هن فيصلو ڪيو آه?? ته ان واقعي جي اعليٰ عدالتي ڪ??يشن کان شفاف جاچ ڪرائي ويندي ۽ ان جي لاءِ هاءِ ڪورٽ جي جج جي لاءِ درخواست ڪنداسين، ان فيصلي جي ڪابينا کان پڻ توثيق ڪرائي ويندي. وزيراعظم چيو ته هي واقعو اسان سڀني جي لاءِ افسوس جوڳو آهي، قوم کي يقين ڏي??ريان ٿو ته ان جي شفاف جاچ ٿيندي ۽ حقيقتون قوم آڏو آڻينداسين.