اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي بي مثال آهي، چين هر اندروني ۽ ٻاهرئين محاذ تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد جي ل??ءِ موجود رهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن او??رسيز جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن او??رسيز جي صدر زانگ گيوليانگ ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم چيو ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي بي مثال آهي، چين هر اندروني ۽ ٻاهرئين محاذ تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ موجود رهيو آهي. هن چيو ته تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو مقابلو ڪرڻ ۽ ٻوڏ سٽيلن جي بحالي ل??ءِ جاري ڪمن ۾ چين پاڪستان جي تمام گهڻي مدد ڪئي. چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن او??رسيز پاران ٻوڏ سٽيلن جي بحالي ل??ءِ هڪ وڏي رقم جو چيڪ پڻ وزيراعظم جي فلڊ ريليف فنڊ جي ل??ءِ پيش ڪيو ويو. ملاقات ۾ پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جا خاص معاونين طارق فاطمي، ظفرالدين محمود ۽ پاڪستان ۾ چين جو سفير نونگ رو??گ پڻ شريڪ ٿيا.