اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران ني??زي ايبسليوٽلي فراڊ، منافق، فارن فنڊيڊ فتنو آهي، عوام ان جي فراڊ ۾ اچڻ کان بچي، ان جي شخ??يت رڳو ڪوڙ تي ٻڌل آهي، صدر به کيس ڪوڙو شخ?? قرار ڏئي چڪو آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران ني??زي صبح ٻنپهرن شام ڪوڙ ڳالهائي ٿو، ان جو ڪم رڳو ڪوڙ ڳالهائڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ جو سبق سيکارڻ ۽ ان جي تلقين ڪرڻ آهي، عمران ني??زي جي شخ??يت رڳو ڪوڙ تي ٻڌل آهي. هن چيو ته عمران ني??زي کان سوال پڇو ته هو ٻين کان سوال پڇڻ شروع ٿي وڃي ٿو، ان ک??ن ممنوعه فنڊنگ جو سوال ڪيو وڃي ته چوي ٿو ته ٻين پارٽين جي فنڊنگ به ٿي آهي. هن چيو ته ممنوعه فنڊنگ ڪيس جو فيصلو پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جي خلاف آيو آهي، عمران خان ٻين پارٽين جي فنڊنگ ۽ اڪائونٽبليٽي جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۾ ڪو ثبوت پيش نه ڪري سگهيو، ان جي ڪوشش رڳو هڪ بيانيو ٺاهڻ آهي ته ايترو ڪوڙ ڳالهايو جو سچ لڳڻ لڳي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران ني??زي کان ان جي چوري تي پڇو ته هي ٻين تي چوري جو الزام هڻي ڇڏي ٿو. هن چيو ته عمران خان جي صورتحال هن وقت اها آهي ته ”ياد ماضي عذاب آهي يا رب، کسي وٺ مون کان حافظو منهنجو.“ عمران خان چار سال تائين ملڪ جو وزيراعظم رهيو، پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، سياسي مخالفن کي بليڪ ميل ڪرڻ جي لاءِ ڪڌا حربا اختيار ڪيا، ان وقت جي ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل کي پاڪست??ن مسلم ليگ (ن) جي قيادت جي خلاف هٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪرڻ تي مجبور ڪيو. طيبه گل کي وزيراعظم هائوس ۾ حبس بيجا ۾ رکيو ۽ ني?? ڊي جي کي بليڪ ميل ڪيو، احتساب جي پوري مشينري ۽ رياستي طاقت جو بيجا استعمال ڪيو ۽ اڄ چوي ٿو ته مريم نواز، حسن نواز ۽ حسين نواز ڪٿي رهن ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن عمران ني??زي وٽ شريف فيملي جي خلاف ثبوت هئا ته ڇو پيش نه ڪيا، ايون فيلڊ ۾ ني?? ڇو ثبوت پيش نه ڪري سگهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران ني??زي شهباز شريف کي ٻه ڀيرا گرفتار ڪيو، کيس ڪوٽ لکپت ۽ اڊيالا جيل ۾ رکيو پر ان جي خلاف ڪو ثبوت پيش نه ڪري سگهيو. مريم اورنگزيب چيو ته عمران ني??زي بار بار ڪوڙ ڳالهائي الزام هڻي ٿو. هن چيو ته عمران ني??زي پنهنجو قد وڌائڻ ۽ پنهنجي سياست چمڪائڻ جي لاءِ نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز تي الزام هڻي ٿو، هي اهو فتنو آهي جيڪو هن ملڪ جي اندر چار سال تائين اقتدار تي قابض رهيو، بنا جاچ جي هن سياسي مخالفن کي گرفتار ڪيو، موت جي سزا جي چڪين ۾ رکيو پر انهن تي هڪ الزام ثابت نه ڪري سگهيو. هن چيو ته عمران ني??زي وزيراعظم هائوس جي آڊيو ليڪ ٿيڻ تي عدالت سان رجوع ڪرڻ جو ڪهڙي منهن سان چئي رهيو آهي، ان تي جي آءِ ٽي ٺهي چڪي آهي، هن کي جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيڻو آهي. پريس ڪانفرنس ۾ عمران خان جون ٻه وڊيو به ميڊيا آڏو پيش ڪيون ويون. هڪ وڊيو ۾ عمران خان وزيراعظم ۽ وزيراعظم هائوس جي ٽيليفون ٽيپ ٿيڻ جي حق ۾ چئي رهيو آهي ته اهو پروٽيڪشن جي لاءِ آهي، هو ان کي قانوني بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻي وڊيو ۾ هو ان تي يوٽرن وٺندي ان جي مخالفت ڪري رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران ني??زي جي وڊيو ڪلپس ڏسي انسان جو عقل دنگ رهجي وڃي ٿو ته پاڪستان جي 75 سالا تاريخ ۾ هي پهريون وزيراعظم هو جيڪو وزيراعظم آفيس ۽ وزيراعظم جي رڪارڊنگ کي قانوني قرار ڏئي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آڊيو ليڪس اچڻ کانپوءِ عمران ني??زي جو ٻاهرئين سازش جو بيانيو دفن ٿي ويو، صدر به چئي چڪو آهي ته ڪا ٻاهرئين سازش نه ٿي، صدر علوي پي ٽي آءِ جو جنرل سيڪريٽري به رهي چڪو آهي ۽ هو عمران خان جي ويجهي ساٿين ۾ شمار ٿئي ٿو. مريم اورنگزيب چيو ته آڊيو ليڪ ۾ عمران خان پاڻ چيو ته سائفر سان کيڏڻو آهي، جيڪڏهن ٻاهرئين سازش ٿي هئي ته ان سان کيڏڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان کي ٽيبل، ڪرسيءَ ۽ مائيڪ رکي عوام کي ٻڌائڻ گهرجي ته ٻاهرئين سازش 7 مارچ تي ٿي، 27 مارچ تائين ان سازش سان راند کيڏي، 28 مارچ تي ان ۾ فارن آفيس کي شامل ڪيو ۽ ملڪي مفاد کي داءُ تي لڳايو. عمران ني??زي سائفر جا منٽس تبديل ڪيا، ان کي فيبريڪيٽيڊ ڪيو ۽ ان کانپوءِ ان جي ڪاپي کڻي فرار ٿي ويو. هن چيو ته عمران ني??زي فارن فنڊيڊ فتنو ايبسليوٽلي فراڊ آهي جڏهن عدالت ويندو ته ڪهڙي منهن سان ويندو، ڇا هو عدالت ۾ پنهنجي وڊيو ڪلپ هلائي ٻڌائيندو ته ان وقت جو وزيراعظم جيڪو هي ڪيس عدالت ۾ کڻي آيو آهي، اهو چوندو هو ته وزيراعظم هائوس ۽ وزيراعظم جي ٽيليفون جي رڪارڊنگ ٿيڻ گهرجي جيڪو ان کي قانوني بڻائيندو رهيو ۽ چوندو رهيو ته اهو پروٽيڪشن جي لاءِ هوندو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هي عدالت وڃڻ جو نه عمران خان جي جيل وڃڻ جو وقت آهي. هن چيو ته عمران ني??زي قوم جي تقدير سان کيڏيو، هڪ ڪروڙ نوڪرين جو جهانسو ڏنو، 50 لک گهرن جو ڪوڙو واعدو ڪيو، 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو پر پاڻ ڪرپٽ ۽ ڪوڙو ثابت ٿيو. هن چيو ته عمران ني??زي جڏهن اقتدار ۾ آيو ته هن صحيح ۽ غلط جي فڪر ڪرڻ کانسواءِ ملڪ جي معيشت ۽ سياست سان کيڏيو، ڪشمير جو سودو ڪيو، هي چوندو هو ته مودي کٽي ويو ته ڪشمير آزاد ٿي ويندو، عمران ني??زي پنهنجي سياسي مخالفن جي خلاف ڪيس ٺاهڻ جي لاءِ ني?? چيئرمين کي بليڪ ميل ڪيو، طيبه گل کي وزيراعظم هائوس ۾ بند ڪيو، سياسي مخالفن جي خلاف ڪيسز ٺاهيا، انهن کي جيلن ۾ وڌو ۽ عدالتن ۾ کڻي ويو پر ثبوت نه هجڻ جي ڪري انهن جون ضمانتُون ٿيون ۽ اڄ اهي سرخرو ٿيا. هن چيو ته عمران ني??زي اڄ خوف ۾ ورتل آهي، ان جي دماغ تي گهرو اثر آهي. هن چيو ته عوام کي گهرجي ته هو ان فارن فنڊيڊ فتني کان بچي، هي ماڻهن کي بيوقوف بڻائي ٿو ۽ بند ڪمرن ۾ ويهي انهن تي کلي ٿو، هي ايبسليوٽلي فراڊ شخ?? آهي. هن چيو ته عمران خان جي ڪرپشن، چوري ۽ ڌاڙن جي ايف آءِ اي ۾ جاچ ٿي رهي آهي، جڏهن ان جي چوري ۽ سازش بي نقاب ٿئي ٿي ته هي پنهنجو دماغي توازن وڃائي ويهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت انهن سمورن خرچن جو ڪاٿو لڳايو آهي جيڪي لانگ مارچ دور??ن ملڪ ۾ امن امان برقرار رکڻ تي ٿيندا. هن چيو ته عمران خان جي احتجاجن جي ڪري عوام جي سيڪيورٽي تي ڪروڙين رپين جو خرچ اچي ٿو، اها رقم اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻوڏ متاثرين تي خرچ ٿي سگهي ٿي پر اها رقم فارن فنڊيڊ فتني جي لانگ مارچ ۽ احتجاجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ رکي ويندي. هن چيو ته عمران ني??زي انتشار، فتنو پکيڙڻ ۽ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي لاءِ وفاق تي ڪاهه ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي، اڄ خيبرپختونخواهه جي اندر سرڪاري ملازم رستن تي آهن، صوبو ڪنگال ٿيڻ تي آهي، صوبي وٽ پگهارون ادا ڪرڻ جي لاءِ پئسا نه آهن، اتي سرڪاري ملازمن کي پٿر هنيا پيا وڃن. هن چيو ته هن شخص پنهنجي چار سالن ۾ پنجاب جو جيڪو حال ڪيو آهي اهو به سڀني جي سامهون آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته اسان جو مقصد سياسي انتقام وٺڻ هجي ها ته عمران ني??زي 13 اپريل تي گرفتار ٿي چڪو هجي ها، عمران ني??زي پنهنجي دور ۾ سياسي انتقام تي ماڻهن کي بنا ڪيسز جي گرفتار ڪيو هو. هن چيو ته عمران ني??زي جي خلاف موجود ڪيسز چار پنجن مهينن جي جانچ تي ٺهيا آهن، ممنوعه فنڊنگ ۾ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو آهي، ان جي پوري جاچ کانپوءِ قدم قانون موجب کنيا پيا وڃن. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ميڊيا ورڪرز جي پگهارن جي ادائ??گي جي حوالي سان ڪميٽي ٺاهي آهي، نوائي وقت جي ملازمن جا مسئلا به ڏسنداسين، ڪئميرا مينن سان زيادتي ٿيڻ نه ڏينداسين.