اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ جي لابي ۾ تصويري نمائش ??نعقد ڪئي آهي جنهن ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪست??ن ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کي ڏيکاريو ويو آهي. پنهنجي ٽ??ئيٽ ۾ هن چي?? ته اها نمائش ??لندڙ هفتي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس دوران جاري رهندي. هن چي?? ته ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جي حوالي سان تصويرون گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ لابي ۾ اڄ لڳايون پيون وڃن.