اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ قيمتي معدنيات جي ڳولا ۽ حاصل ڪرڻ ??ي لا??ِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بجلي جي پيداوار ۽ ٻين صنعتن ۾ استعمال ٿيندڙ خام مال جو وڌ کان وڌ حصو مقامي سطح تي پيدا ڪري ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير مولانا عبدالواسع جي سربراهي ۾ آل پاڪستان مائنز اينڊ منرلز ايسوسيئيشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪالهه خميس ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪي سطح تي اعليٰ ڪوالٽي جي ڪوئلي، لوهه ۽ ٻئي قيمتي معدنيات جي ڳولا ۽ نيڪالي جي نظام کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ ??ي لا??ِ مختلف تجويزون بحث هيٺ آيون. وزيراعظم ان مقصد کي حاصل ڪرڻ ??ي لا??ِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي هدايت ڪئي ته جيئن بجلي جي پيداوار ۽ ٻين صنعتن ۾ استعمال ٿيندڙ خام مال جو وڌ کان وڌ حصو مقامي سطح تي پيدا ڪري ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي سگهجي. وزيراعظم ان سلسلي ۾ ٿر ۽ لاکڙا ۾ موجود ڪوئلي سان گڏوگڏ ميانوالي ۽ چنيوٽ ۾ دريافت ٿيل لوهه جي ذخيرن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ملڪ ۾ مائننگ سيڪٽر جي ترقي جي لا??ِ عملي تجويزون جوڙي جلد کان جلد رپورٽ پيش ڪرڻ ??ي هدايت ڪئي ۽ ان مقصد جي لا??ِ ناڻي واري وزارت، توانائي واري وزارت، ??يٽ??وليم واري وزارت، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت، فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن جي ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ان کانسواءِ وزيراعظم سمورين وفاقي وزارتن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي لا??ِ مائننگ سيڪٽر سميت سمورن شعبن جي لا??ِ اعليٰ تعليم يافته ماهرن جي ڳولا لا??ِ ??يٽ??وليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي سربراهي ۾ هڪ ذيلي ڪميٽي ٺاهڻ جو پڻ حڪم ڏنو. ملاقات ۾ توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، ناڻي واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين عاصم احمد ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.