اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? مريم اورنگزيب چيو آهي ته گذريل چار سال پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ صرف عمران خان، ڪارٽلز ۽ مافياز جا کيسا ڀريا ويا، ملڪ کي عمران خان لميٽڊ ڪمپني جي طور تي هلايو ويو. پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي ٽوئيٽ تي پنهنجي رد عمل ۾ هن چيو ته گذريل چار سال وزيراعظم جو اختيا?? عوام کي بکيو، غريب ڪرڻ، معاشي تباهي ۽ ڪشمير فروشي لاءِ استعمال ٿيو، پيٽرول، بجلي، گئس، دوائون، اٽو، کنڊ، پٽاٽا، بصر، تيل سوچيل سمجهيل حڪمت عملي تحت مهانگو ڪيو ويو، هن چيو ته سوچيل سمجهيل سازش حڪمت عملي تحت ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪ??و ويو، عوام نالائقن، چورن ۽ مافيا کي موقعو نٿي ڏي، هي حقيقت سمجهن عوام سڀ ڄاڻي ٿي.