اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي بيان جي سخت مذمت ??ند?? چيو آ??ي ته عمران خان جي تقرير نفرت تي ٻڌل آهي، جيڪا آئين ۽ ملڪ جي خلاف آهي، راءِ جو اظهار نه پر ملڪ کي ورهائڻ ۽ خدا نه ڪري ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻ دشمن جي زبان آهي، عمران خان جا بيان آئين جي خلاف آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان جا بيان وفاق تي حملو آ??ن، وفاق تي حملي جو اعلان، ادارن جي تباهي ۽ ايٽمي پروگرام کسڻ جون ڳالهيون دشمن ??ند?? آهي، هن چيو ته عمران خان جي اهڙي تقرير ٽي وي تي نشر نه ٿيڻ گهرجي، اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته پاڪستان جا ٽڪرا ڪرڻ واري هر زبان ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندي، عمران خان جي ملڪ جي خلاف بيانن تي قوم جو رد عمل روڪڻ ممڪن نه ٿيندو، هن چيو ته عمران ص??حب نه فارن فنڊنگ تي ڳالهائي رهيو آ??ي، سچائي پاڻ سازش ڪرڻ وارن پنهنجي زبان سان ادا ڪئي آهي، مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جا بيان آئين، ادارن، پاڪستاني فوج ۽ سپريم ڪورٽ تي حملو آ??ن. اقتدار نه رهي ته آئين، سپريم ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن، وفاق تي حملو هڪ بيمار ذهن جي عڪاسي آهي.