اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي اسيمبلي جو ??جلاس 6 جون تي طلب ڪري ورتو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ق??مي اسيمبلي جو ??جلاس سومر ٽپهري 4 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿي??دو، مالي سال 23 -2022ع جو ??اليانو بجيٽ قومي اسيمبلي جي ان سيشن ۾ 10 جون تي پيش ڪيو ويندو، قومي اسيمبلي جو ??جلاس آئين جي آرٽيڪل 54 هڪ تحت گهرايو ويو آهي.