اسل??م آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي ڪويت جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر شيخ احمد ناصر الحمد الصباح ٽيليفون ڪئي ۽ پرڏيهي وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ڪويت جي ٻطرفي لا??اپ?? تي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت جا ڀائراڻا لاڳاپا مثالي آهن، پاڪستانين جو هڪ وڏو تعداد روزگار جي سلسلي ۾ ڪويت ۾ رهندڙ آهي ۽ هو ٻنهي ملڪن جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ا??ان ڪويت سان ٻطرفي لا??اپ?? ک?? وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون.