اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پ?? پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته بينظير ??نڪم سپورٽ پروگرام مان بنا ڪنهن سبب جي ڪڍيل مستحق ماڻهن جي شموليت يقيني بڻائي وڃي، ان لاءِ طريقيڪار جوڙڻ خوش آئند?? آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن غربت جي خاتمي واري وفاقي وزير ??ازيه عطا مري سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ وزيراعظم کي وزارت جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم جي بلوچستان جي دوري دوران مستحق ماڻهن جي بينظير ??نڪم سپورٽ پروگرام ۾ شموليت ۽ شاگردن جي تعليم کي يقيني بڻائڻ لاءِ و??يف?? ۽ والدين کي امداد جي اعلان تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. وزيراعظم کي بينظير ??نڪم سپورٽ پروگرام مان گذريل حڪومت پاران بنا ڪنهن تحقيق جي ڪڍيل 8 لک 20 هزار ماڻهن لاءِ اپيل جي مجوزه طريقيڪار تي به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته بينظير ??نڪم سپورٽ پروگرام مان ڪڍيل ماڻهن جي ٻيهر شموليت لاءِ اپيل جو طريقيڪار جوڙڻ خوش آئند?? آهي، هن هدايت ڪئي ته ??هڙ?? مستحق ماڻهو جيڪي بنا ڪنهن سبب جي ڪڍيا ويا، انهن جي شموليت يقيني بڻائي وڃي.