اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وزير حافظ حفيظ ال??حم??ن ملاقات ڪئي ۽ کيس وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب حافظ حفيظ ال??حم??ن وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته چلاس ۾ پي ايم پاران عالمي معيار جي سهولتن سان ليس اسپتال جي منظوري مقامي ماڻهن جي لاءِ نعمت کان گهٽ نه آهي. هن چيو ته ٽر??فڪ جي سڄو سال رواني جي لاءِ بابوسر ٽنل جي منظوري سان نه رڳو سياحت کي فروغ ملندو پر مقامي آبادي جي اچ وڃ ۽ معاشي سرگرميون سڄو سال بنا رڪ??وٽ جاري رهنديون. حافظ حفيظ ال??حم??ن ديامر ڀاشا ڊيم جي تعمير کي 2029ع بدران 2026ع ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت تي وزيراعظم شهباز شريف کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح عوام جي خدمت آهي، چار سالن جي ڪاري دور ۾ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي نظر??ند??ز ڪيو ويو، انشاءَ الله ملڪ ۽ قوم جي خدمت جو سفر هاڻي تيزي سان جاري رهندو.