اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو جلسو عوام جو جلسو آهي، ??مران خان پاڪستان جو محسن آهي، ??نهن ملڪ جي آزاد پرڏيهي پاليسي جو بنياد رکيو، پاڪستان جي عوام عمران خان جي جلسي جي لاءِ گهرن مان نڪري. اها ڳاله?? هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي امر بالمعروف جلسي جي حوالي سان پنهنجي خصوصي وڊيو پيغام ۾ چئ??. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ماضي ۾ پاڪستان بابت چيو ويندو هو ته هتي پئسي سان هر ڪنهن کي خريد ڪري سگهجي ٿو، اڄ اهو پاڪستان عمران خان جي ڪري ڪنڌ کڻي بيٺل آهي. هن چيو ته بهادر قوم کي بهادر ليڊر جي ضرورت هوندي آهي، ??مران خان اهو ليڊر آهي جيڪو ڪڏهن عوام جو ڪنڌ جهڪڻ نه ڏيندو. چوڌري فواد حسين چيو ته عمران خان پاڪستان جي معيشت ۽ انڊسٽري کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو. هن پاڪستان جي عوام بشمول عور??ن، ٻارن ۽ جوانن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اهي پريڊ گرائونڊ اسلام آباد پهچن ۽ وزيراعظم عمران خان جو امر بالمعروف جلسي کي تاريخي خطاب ٻڌن.