اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??خدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان جي لاءِ هيومينيٽرين ٽرسٽ فنڊ قائم ڪرڻ جو مقصد افغان عوام جي لاءِ عالمي انساني امداد جي ماپي کي وڌائڻ جي لاءِ اسان جي اجتماعي ڪوشش آهي، انساني بحران جي تناظر ۾ افغان عوام ??ي اسان جي فوري توجهه جي ضرورت آهي، پرڏيهي وز??رت ۾ افغانستان جي لاءِ هيومينيٽرين ٽرسٽ فنڊ لاءِ چارٽر تي صحيح جي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چ??و ته اسلام آباد ۾ ٿيندڙ پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير ??عمولي اجلاس ۾ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي اهتمام هيٺ هيومينيٽيرين ٽرسٽ فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. بئنڪ کي درخواست ڪئي وئي هئي ته هو 2022ع جي پهرين ٽه ماهي تائين فنڊ کي فعال ڪري ڇڏي، هن چ??و ته بئنڪ پنهنجي مينڊيٽ کي موثر طريقي سان مقرري مدي ۾ اندر پورو ڪيو آهي، ٽرسٽ فنڊ جو چارٽر ڪافي لچڪدار آهي، جنهن ??ان او آءِ سي سسٽم جي ٻاهران عطئي جي اجازت ملندي آهي، پرڏيهي وزير چ??و ته اهو هڪ واکاڻ جوڳو عمل آهي اهڙي طرح عالمي عطيو ڏيندڙن جي دائري کي وڌائڻ ۾ مدد ڪندي. هن ??و چوڻ هو ته ٽرسٽ فنڊ جو مقصد افغانستان کي انساني امداد پهچائڻ لاءِ هڪ ميڪينزم جي طور تي ڪم ڪرڻ آهي، ان سلسلي ۾ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جو ڪردار اهم هوندو.اميد آهي ته او آءِ سي جا ميمبر ملڪ، اسلامي مالياتي ادارا، عطيا ڏيندڙ ۽ ٻيا عالمي حصيدار ان ٽرسٽ فنڊ ۾ پنهنجي عطين جي ذريعي شموليت ڪندا. پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي چيئرمين جي طور تي آئون شرڪت ڪندڙن کي فنڊ ۾ حصو وجهڻ جي درخواست ڪندس. پرڏيهي وزير چ??و ته اهو خصوصي ٽرسٽ فنڊ افغان عوام جي لاءِ عالمي انساني امداد جي ماپي کي وڌائڻ لاءِ اسان جي اجتماعي ڪوشش آهي، اسان سڀني کي انهن قدمن کي ڪاميابي سان همڪنار ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گهرجي.