منڊي بهاءُ الدين – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??وڌ??ي فواد حسين چيو آهي ته عدم اعتماد جي ڳالهه ڪندڙن تي ??نهن جي گه?? وارا به اعتماد نه ٿا، انهن جي گه?? وارا به چون ٿا ته انهن وٽ پئسا رکرايا ته هي لنڊن کڻي ڀڄي ويندا، هي وڏا چور آهن، انهن چورن ۽ ڦورن کان پئسو واپس اچڻ گه??جي. عوامي جلسي کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عدم اعتماد جون ڳالهيون ڪندڙن جي هڪ ئي ايجنڊا آهي ته انهن جي ڪيسز مان جان ڇٽي وڃي، اسان کي انهن کي ڪيسن مان نڪرڻ ناهي ڏيڻو، انهن کي سزائون ڏيارڻيون آهن. هن چيو ته اڄ ڌيءَ عدالتن ۾ ڪيس ڀوڳي رهي آهي ۽ پيءُ ۽ پٽ لنڊن ۾ آهن، اهڙن ماڻهن تي ڪير اعتماد ڪندو. هن چيو ته مدرسي جي ٻارن جي زور تي ۽ نان قهوي تي ??لسا نه ٿا ڪري سگهجن، وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ (اپوزيشن) اچي ڏسي جلسا ڪيئن ٿي??دا آهن. هن چيو ته منڊي بهاءُ الدين ۾ شاندار جلسو منعقد ڪرڻ تي ??حريڪ انصاف جي ليڊرشپ کي مبارڪباد ڏيڻ چاهيان ٿو، چيو ويندو هو ته جلسا اپوزيشن ۾ ڪامياب ٿي??دا آهن، اڄ ثابت ٿي ويو آهي ته جلسا حڪومت ۾ رهندي به ڪامياب ٿين ٿا. هن چيو ته جڏهن اسان چئون ٿا ته پاڪستان جو نظام ٺيڪ ڪرڻو آهي ته اسان رڳو عمران خان تي ??عتماد ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته عمران خان منڊي بهاءُ الدين ۽ جهلم جي عوام لاءِ تار??خي ترقياتي منصوبا ڏنا، اهڙي طرح جا ترقياتي ڪم انهن علائقن ۾ اڳ ۾ ڪڏهن به نه ٿيا، منڊي بهاءُ الدين جي ليڊرشپ به علائقي جي ترقي جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو، انهن کي سلام پيش ڪريان ٿو. ان کان اڳ جلسي گاهه تي منڊي بهاءُ الدين جي عوام اطلاعات واري وفاقي وزير ??وڌ??ي فواد حسين جو شاندار استقبال ڪيو.