اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڏکڻ آ??ريقا جي آنجهاني اڳواڻ نيلسن منڊيلا جي ويجهي ساٿي نوبل ا??عام يافته آرچ بشپ ڊسمنڊ ٽوٽو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي تعزيتي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ڊسمنڊ ٽوٽو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ??هي ته ڊسمنڊ ٽوٽو نسل پرستي جي خلاف ۽ انساني حقن جي لاءِ جدوجهد ۾ هڪ قدآور شخصيت هئي. وزيراعظم چيو ته ڏکڻ آ??ريقا جي آزادي ۽ قومي مفاهمت ?? سندس اهم ڪردار ايندڙ نسلن جي لاءِ مشعل راهه آهي.