اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ج??عي تي اتر وزيرستا?? جي علائقي مير علي ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري آپريشن دوران پاڪ فوج جي 4 جوان?? جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستا?? جي هٿياربند فوج جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ??يو. هن چيو ته ان جنگ ۾ پوري قوم متحد آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته بزدل دشمن جو بهادر قوم سان مقابلو آهي جيڪا هر مشڪل وقت ۾ ثابت قدم رهي آهي.