اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد ??اد?? سنجراڻي ٽانڪ ۽ مير علي ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جون قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس ج?? اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته ملڪ دشمن عنصر ڪڏهن پنهنجي ن??پا?? مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. پوري قوم دهشتگر??ي جي خلاف متحد آهي. هن چيو ته دهشتگرد امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا جنهن ۾ اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. سينيٽ چيئرمين چيو ته ا??ان ڏکويل خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ته پوري قوم پاڪستاني فوج ??ان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. پاڪستان جي ترقي ??ان ملڪ دشمن قوتون خفا آهن، هن چيو ته دهشتگر??ي جا واقعا ا??ان جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن، ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جون لازوال قربانيون رائيگان نه وينديون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري.