اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بابا گرو نانڪ ديوجي جي 552 هين پيدائش جي ڏهاڙي تي سڄي دنيا جي سک برادري کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي هڪ ??وئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته خوشي جي ان موقعي تي اسان پا??ستان ۾ پنهنجي مقدس مذهبي جاين جو دورو ڪندڙ هزارين سک ياترين جي آ??يان ڪريون ٿا. هن سک برادري جي مذهبي رسمن جي ادائيگي جي سلسلي ۾ پنهنجي حڪومت پاران سهولتن جي مسلسل فراهمي جي عزم کي ورجايو.