اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوامي مسئلن جي حل بابت غلط بياني ڪندڙ آفيسرن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي ويندي، سٽيزن پورٽل تي عوامي شڪايتن کي پاڻ مانيٽر ڪندو آهيان، شهرين جي شڪايتن جي حل تي غلط بياني ڪندڙ آفيسرن سان رعايت نه ڪئي ويندي. پي ايم ڊي يو جي رپورٽ کانپوءِ وزيراعظم صوبن جي چيف سيڪريٽرين ۽ آءِ جيز کي هدايت ڪندي چيو ته عوامي مسئلن جي حل ۾ ڪوتاهي بلڪل برداشت نه ڪئي ويندي. سٽيزن پورٽل تي عوامي مسئلن جي حل ۾ سرڪاري آفيسرن جي جعلسازي جي انڪشاف ۽ آفيسرن جي خلاف ڪاررواين جي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي. پي ايم ڊي يو 254 سرڪاري افيسرن جي ڊيش بورڊز تي جعلسازي تي رپورٽ تيار ڪئي. وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌ??يو ويو آهي ته عوامي شڪايتن تي ڪارروائي بابت غلط بياني تي سرڪاري آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. رپورٽ موجب ??نج??ب جي 154، خيبرپخت??نخ??اهه جي 86، سنڌ جي 3 ۽ وفاق جي 11 آفيسرن جي ڊيش بورڊز جي جاچ ڪئي وئي. جاچ ۾ ??نج??ب جا 44 سرڪاري اهلڪار جعلسازي ۾ ملوث قرار ڏنا ويا. رپورٽ ۾ چيف سيڪريٽري خيبرپخت??نخ??اهه 39 سرڪاري اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي جڏهن ته جعلسازي ثابت ٿيندڙ سرڪاري ملازم معطل ڪيا ويا. آءِ جي ??نج??ب جي جاچ کانپوءِ 45 سرڪاري اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي جڏهن ته آءِ جي خيبرپخت??نخ??اهه جي 10 اهلڪارن ۽ آءِ جي سنڌ جي 3 سرڪاري اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي ٿي.