اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڊيجيٽل پاڪستان اسان جو ويزن آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ترقي سان پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار کي وڌائي سگهجي ٿو، ملڪ ۾ آءِ ٽي جي گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي ??رو??ت آهي، دنيا ۾ ٽيڪنالاجي تيزي سان ترقي ڪري ره?? آهي، ترقي جي سفر ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ چين وانگر جلد فيصلا ڪرڻا پوندا، ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي آگاهي مهم ۾ پي ٽي اي جو اهم ڪردار آهي. صدر قومي براڊ بينڊ ??يٽ ورڪ فورم کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب کي پاڪستان ??يل?? ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر عظيم باجوه، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت ۽ ??يل?? مواصلاتي ڪمپنين جي سربراهن ۽ نمائندن پڻ خطاب ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي فورم منعقد ڪرڻ تي پي ٽي اي ۽ هواوي کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته دنيا جي هر ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي بابت فيصلاسازن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ جنريشن گيپ هوندو آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي لاءِ ??رو??ي اهي ته اها تيزي سان ترقي ڪري. صدر چيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ ترقي جي لاءِ حڪومت پنهنجو هر ممڪن ڪردار ادا ڪندي، حڪومت جي ڪوشش هوندي ته اها ان ۾ سهولت جو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته حڪومت جهڙي طرح روانگي واپار ۽ آمدني واپار سميت معيشت جي مختلف شعبن ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري ره?? آهي، اها آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي لاءِ پڻ پنهنجون ترجيحون تعين ڪندي. صدر چيو ته ڊيٽا جو استعمال ??رو???? آهي، دنيا وٽ ايتري ڊيٽا موجود آهي جو ان جو تجزيو ڪرڻ به مشڪل آهي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي ۾ جدت اچي ره?? آهي، براڊ بينڊ ۾ به وسعت اچي وئ?? آهي، ٽيڪنالاجي جي ترقي جي لاءِ مستقبل جي ??رو??تن کي به نظر ۾ رکڻو پوندو، پاڪستان ۾ ايندڙ چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جو استعمال چاهيون ٿا جنهن جي لاءِ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪري رهيا آهيون، ماضي ۾ پاڪستان ??يل?? ڪميونيڪشن اٿارٽي گري ??يل??فوني کي روڪڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ ۾ آءِ ٽي جي گريجوئيٽس جو انگ تمام گهٽ آهي جنهن کي وڌائڻ جي لاءِ سمورين يونيورسٽين کي هدايت ڪئي وئ?? آهي، آءِ ٽي گريجوئيٽس جو انگ وڌڻ گهرجي ۽ حڪومت ان عمل جي حوصلا افزائي ڪندي، جڏهن ته صدر اهو واضح ڪيو ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ هنرمند ماڻهن کي تيار ڪري انهن کي ٻاهرئين ملڪ بدران ملڪ جي ترقي لاءِ استعمال ڪيو وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي آگاهي مهم ۾ پي ٽي اي جو اهم ڪردار آهي، ڪورونا وائرس جي صورتحال ۾ حڪومت جي بهتر فيصلن جي ڪري اي ڪامرس ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ ان کي ترقي ڏيڻ جو عمل آسان ٿي ويو، آءِ ٽي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان بيمارين تي پڻ ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، ??رو??تمندن کي بئنڪ اڪائونٽس ذريعي رقم فراهم ڪري رهيا آهيون.