ڪراچي- 19 آڪٽوبر ( اي پي پي) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل 12 ربيع الاول جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ منهنجي آقا سرور قونين حضرت محمد صلي الله علي??ه وسلم جو يوم ولادت آهي اڄوڪو ڏينهن سمورن م??لم??نن لاءِ خوشي ۽ مسرت جو ڏينهن آهي. الله تعاليٰ حضرت محمد صلي الله علي??ه وسلم کي هن دنيا ۾ رحمت للعالمين بڻائي موڪليو اسان کي پنهنجي آقا جي تعظ??م سان گڏو گڏ سندن تعليمات کي به غور سان ڏسڻو ۽ سمجهڻو آهي ۽ سمجهي ان تي زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي.
حضور جن جي تعليمات ئي اڄوڪي ڏينهن جو سڀ کان وڏو فلسفو آهي. اسان کي هيڏانهن ه??ڏانهن ڀٽڪڻ بد??ان پنهنجي نبي ڪريم صلي الله علي??ه وسلم جي ڏيکاريل رستي تي هلڻو آهي. هن چيو ته منهنجي نبي جي زندگي ۾ انهن جو کائڻ پيئڻ ، اٿڻ ويهڻ ، انهن جي سياست ، انهن جون جنگيون ، انهن جي منصوبه بندي ، رياست مدينه جو قيام ۽ رياست مدينه جي ماڻهن سان سلوڪ انهن سمورن روين جو نالو ئي اسلام آهي. اسان سڀ اڄ عهد ڪيون ته جيڪو رستو منهنجي نبي ڏيکاريو ان رستي تي هلي فلاح جي رستي تي وڃون.