اسلام آباد – 13 R11; سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چوٿين پارلياماني سال جي شروعات تي حڪومت جي 3 سالا ڪارڪردگي، درپيش چئلينجز ۽ اڳتي جي حڪمت عملي 22 ڪروڙ عوام آڏو رکي، صدر پاڪستان جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي، افغانستان ۾ امن ۽ ڪشمير ج?? اڻٿڪ حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو، صدر ج?? تقرير دوران شهباز شريف ۽ بلاول جي موجودگي ۾ مخالف ڌر ميمبر نعريبازي ڪندا رهيا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مخالف ڌر ج?? گوڙ ۽ واڪ آئوٽ معمول جي سرگرمي آهي جنهن جو مقصد ”آئون نه مڃان“ کانسواءِ ڪجهه نه آهي، مخالف ڌر ه?? ڀيرو ٻيهر قومي مفادن تي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏني.