اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر ڊاڪٽر محمد فروغ نسيم جي صدارت ۾ ڪابينا جي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) بابت ذيلي ڪميٽي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد ??انسواءِ گهرو وزارت ۽ نيب جا اعليٰ عم??دار پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ اي سي ايل ۾ شامل ۽ ڪڍيا ويندڙ ماڻهن جي فهرستن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي مختلف کاتن جا نمائندا ۽ انفرادي حيثيت ۾ مختلف ماڻهو پيش ٿيا جن جو موقف معلوم ڪرڻ کانپوءِ ميرٽ تي فيصلا ڪيا ويا. ذيلي ڪميٽي جي عم??دارن پاران مخالفت جي باوجود مختلف نا??ن کي اي سي ايل مان ڪڍڻ جي پڻ سفارش ڪئي آهي.