اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) تاجڪستان جو ص??ر امام علي رح??ان??ف، وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي اعليٰ سطحي وفد سان گڏ اڄ اربع تي ٻن ڏين??ن جي دوري تي پاڪستان پهچندو. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت جي بنياد تي ويجها ڀائراڻي لاڳاپا آهن، اهي لاڳاپا گڏيل احترام ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل خواهش تي آهن، وچ ايشيا سان ويجهي لاڳاپن ۽ تعاون ۾ اضافي لاءِ پاڪستان جي ويزن جي ڏس ۾ تاجڪستان اهيمت رکندڙ آهي.