اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انصاف ۽ قانون جي عملداري کانسواءِ رياستن جو وجود ختم ٿي ويندو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظ?? چيو ته اسان جي نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته اوهان کان پهرين ڪ??تريون ئي قومون ان لاءِ تباه?? ٿي ويون ته انهن ۾ طاقتور جي لاءِ هڪ قانون جڏهن ته ڪمزور جي لاءِ ٻيو قانون هو. هن چيو ته تاريخ شاهد آهي ته رياستون اخلاقي زوال ۽ بدعنواني جي ڪري تباه?? ٿي ويون، ڇاڪاڻ جو اخلاقي طاقت کانسواءِ ڪا به رياست پنهنجي شهرين کي انصاف فراهم نٿي ڪري سگهي. وزيراعظ?? چيو ته انصاف ۽ قانون جي عملداري کانسواءِ رياستن جو وجود ختم ٿي ويندو آهي، ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن رياست وٽ اخلاقي طاقت نه رهي ته هو طاقتور ڏوهارين سان مڪه مڪا (اين آر آو) شروع ڪندي آهي. هن چيو ته سينيٽ جون تازيون چونڊون اهو ظاهر ڪن ٿيون ته ڪهڙي طرح اسان اخلاقي رخ وڃائي رهيا آهيون.