اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ براڊ شيٽ جي معاملي تي ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو، پبلڪ سيڪٽر ڪمپنيز (ڪارپوريٽ گورننس) رولز 2013ع تحت علي مه??ي جي پ??ڪستان ڊيولپمينٽ فنڊ لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرري، پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ جي انتظام هيٺ سمورن درجن جي نوڪرين تي پ??ڪستان ايسينشنل سروسز (مينٽيننس) ايڪٽ 1952?? لاڳو ڪرڻ ۾ 6 مهينن تائين جي واڌ، پاور ڊويزن تحت جوڙيل ڪور ڪميٽي جي ميمبرن کي رينٽل پاور پراجيڪٽ ۾ جاچ جي روشني ۾ ملڪ کي وڏي مالي نقصان کان بچائڻ جي حوالي سان خدمتن تي مالي ايوارڊ ڏيڻ، سامونڊي معاملن اري وزارت تحت ڪراچي ڊوڪ ليبر بورڊ جي ميمبرن جي نامزدگي، نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي جوڙجڪ، نيش??ل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت کي صحت سهولت پروگرام جي ڊيٽا تصديق جي ڏس ۾ نادرا سان سڌوسنئون 5 سالا معاهدو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. منصوبابندي واري وزير ڪابينا کي ڳڻپ واري وفاقي اداري پ??ران تازو ئي ڪيل سروي جي بنياد تي ڪورونا وبا جي اثرن جي نتيجن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اپريل ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ آبا??ي جي آمدني تقريبن ختم ٿي چڪي هئي. حڪومت جي دانشمنداڻي حڪمت عملي، مڪمل لاڪ ڊائون بدران سمارت لاڪ ڊائون جي پاليسي ۽ اڏاوتن ۽ مينوفيڪچرنگ سيڪٽر ۾ فيصلاسازي جي ڪري 2 ڪروڙ آبا??ي جي آمدني بحال ٿي. منصوبابندي واري وزير وڌيڪ ٻڌايو ته وزيراعظم جي وقت سر فيصلي جي ڪري ڪجهه مهينن جي عرصي ۾ اٽڪل 95 سيڪڙو ماڻهو جن جو روزگار ختم ٿي چڪو هو، بحال ٿيو. بعد ۾ ٽرانسپورٽ جو شعبو به کوليو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته لاڪ ڊائون دوران اٽڪل 80 سيڪڙو ماڻهن جو روزگار ڪنسٽرڪشن، 72 سيڪڙو جو مينوفيڪچرنگ جڏهن ته 67 سيڪڙو ماڻهن جو روزگار ٽرانسپورٽ جي شعبن سان واڳيل هو.