اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه م??مود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ان وقت تائين ڪشميري ڀائرن جي حمايت جاري رکندو جيستائين انهن ک?? ان جو جائز حق، خودمختياري جو حق نه ٿو ملي وڃي، پاڪستان جي پوري قوم، سياسي پارٽيون، سياسي ۽ عسڪري قيادت ڪشمير جي معاملي تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿيون. اها ڳالهه هن ڪشمير جي صورتحال تي پرڏيهي وزارت ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس جي صدارت ڪندي چئي. پرڏيهي وزير سمورين سياسي پارٽين جي اڳواڻن ک?? ڀار?? جي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ خطي ۾ امن ??مان جي صورتحال جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. شاهه م??مود قريشي چيو ته سمورا ڪشميري گذريل سال 5 آگسٽ تي ڀارت پاران غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيل غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم کي رد ڪري چڪا آهن. پاڪستان ڀار?? جي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين ک?? هر عالمي فورم تي بي نقاب ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت سرڪار جي هندوتوا پاليسي نه رڳو ??شميرين پر پوري خطي جي امن ??مان جي لاءِ خطرن جو سبب آهي. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ڊوميسائيل قانونن ۾ تبديلي ڪري آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿو جيڪا عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اڄ پاڪستان جون سموريون سياسدي پارٽيون ڪشمير مسئلي تي متحد آهن. آر ايس ايس جي سوچ تي گامزن بي جي پي جي سرڪار پنهنجي هندوتوا سوچ جي ڪري نه رڳو ??شميرين ک?? پر ڀار?? جي اندر رهندڙ اقليتن جي دلين ۾ نفرت جو ٻج ڇٽيو. ڀارت ڏاڍ ۽ قيد ۽ بند جي اذيتن جي باوجود معصوم ڪشميرين جا حوصلا ڪمزور نه ڪري سگهيو. شاهه م??مود قريشي چيو ته اڄ پوري دنيا آڏو ڀارت سرڪار جو اصل چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي، اڄ دنيا ڀار?? جي نفرت انگيز پاليسين ک?? تنقيد جو نشانو بڻائي رهي آهي.