اسلام آ??اد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چين جي علائقي شي زانگ ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي چين جي صدر شي جن پنگ ۽ چيني عوام سان يڪجهتي، ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو ته ان سانحي تي پوري پاڪستاني قوم سوڳوار آهي. هن سانحي جي متاثرين ۽ انهن جي خاندانن سان همدردي??َ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قوم ان ڏک ۽ مشڪ?? جي گهڙيءَ ۾ چين جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي.