اسلام آباد– 17 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مرڪزي بئنڪ پاران پاليسي ??يٽ ۾ گهٽتائي سان مع??شت کي سگهه ملندي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي وڌائڻ حڪومت جي ترجيح ??هي?? مع??شت جي ترقي بابت جامع پروگرام جلد شروع ڪنداسين. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جي پراڻي ڪارڪن صديق الفاروق جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هو مسلم ليگ (ن) ۽ نواز شريف جو پراڻو ساٿي هو. وزيراعظم ڪابينا اجلاس ۾ صديق الفاروق مرحوم جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم ڪرڪ ضلعي ۾ پوليو جي خاتمي جي لاءِ ڪم ڪندڙ ٽيم تي حملي کي افسوسناڪ قرار ڏنو جنهن ۾ هڪ پوليو اهلڪار شهيد ۽ هڪ پوليو ورڪر زخمي ٿيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان کانسواءِ دنيا مان پوليو وائرس ختم ٿي چڪو ??هي?? پوليو جي خاتمي جي لاءِ رڪاوٽون پيدا ڪرڻ افسوسناڪ آهي. وزيراعظم پوليو جي خاتمي لاءِ ڪم ڪندڙ ٽيمن کي خراج تحسين پيش ڪيو. اجلاس ۾ شهيد پوليو اهلڪار جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي وئي. اجلاس ۾ يونان ۾ ٻيڙي حادثي ۾ ٻڏي ويندڙ پاڪستانين جي مغفرت جي لاءِ پڻ دعا ڪئي وئي. وزيراعظم ان حادثي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته 2023ع ۾ پڻ اهڙو ئي هڪ بدقسمت حادثو ٿيو هو جنهن ۾ 260 ماڻهو ٻڏي ويا هئا جن ۾ ??ڪث?? پاڪستاني هئا. وزيراعظم چيو ته انساني اس??گلنگ هڪ سنجيده چئلينج ??هي?? حڪومت انساني اس??گلنگ جي لاءِ روڪٿام جي لاءِ اهم فيصلا ڪيا هئا. وزيراعظم چيو ته هو جلد لاڳاپيل وزيرن ۽ سيڪريٽرين جو اجلاس گهرائيندو ته جيئن ان حوالي سان ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو وڃي ۽ اڳتي جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي. وزيراعظم اس??يٽ بئنڪ پاران پاليسي ??يٽ ۾ وڌيڪ 2 سيڪڙو گهٽتائي کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته پاليسي ??يٽ 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 13 سيڪڙو تي اچي وئي آهي جيڪا ڪاروبار، صنعت، زراعت،برآمد ڪندڙن ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ خوش آئنده ??هي?? ان سان اسان جي پيداواري صلاحيت وڌندي ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ملندو ۽ اسان جي مع??شت مستحڪم ٿيندي. وزيراعظم 2018ع کانپوءِ مهانگائي جي گهٽ ترين سطح تي الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪندي چيو ته هاڻي اسان جي لاءِ هي مناسب وقت آهي ته مع??شت کي مضبوط ڪريون، مع??شت مستحڪم ٿيڻ جو فائدو کڻندي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ سيڙپڪاري کي فروغ ڏنو وڃي، ان سلسلي ۾ اسان جي تياري مڪمل ٿي چڪي آهي جنهن جو جلد اعلان ڪنداسين.