اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ترڪيه ج?? گهرو وزير علي يرليڪايا ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، پاڪ- ترڪيه ناتن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ ترڪيه ۾ 3 پاڪستاني قيدين جي وطن و??پسيءَ جي حوالي سان ڳالهه ڪئي وئي. گهرو وزير چيو ته ترڪيه سان تاريخي ڀائراڻا ناتا آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه گهري مذهبي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن. هن و??ضح ڪيو ته پاڪ- ترڪيه ناتا جٽادار ڀائيواري ۾ بدلجي رهيا آهن. گهرو وزير ترڪيه ج?? هم منصب کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت ڏني. ترڪيه ج?? گهرو وزير چيو ته پاڪستان ڀائر ملڪ آهي، جلد اسلام آباد جو دؤرو ڪندس. ترڪيه ج?? گهرو وزير پاڪستاني قيدين جي وطن و??پسيءَ لاءِ سهڪار جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته پاڪستان ان سلسلي ۾ م??هر?? جو وفد ترڪيه اُماڻيندو. گهرو وزير 23 آڪٽوبر تي انقره ۾ دهشتگردن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردن جو ڪو مذهب ناهي، دهشتگرديءَ جو خاتمو هن وقت هڪ عالمي چئلينج آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پوري دنيا ک?? ان ناسور کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع قدم ۽ گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آهي. گهرو وزير ساها انٽرنيشنل ايڪسپو تي بهترين انتظامن ۽ مهمان نوازي تي ترڪيه ج?? گهرو وزير جو شڪريو ادا ڪيو.