اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) نيشنل ا??يڪٽرڪ پاور ريگيو??يٽ??ي اٿارٽي (نيپرا) سيپٽمبر جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 1.28 رپيا في يونٽ گهٽتائيءَ جي منظو??ي ڏئي ڇڏي. ڪالهه نيپرا مان جاري پڌرائيءَ مطابق سينٽر?? پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي جي)، ايف سي اي جي مد ۾ 71 پئسا في يونٽ گهٽتائي جي درخواست جمع ڪرائي هئي. نيپرا ان درخواست تي 30 آڪٽوبر تي عوامي ٻُڌڻي ڪئي. ان کان اڳ آگسٽ جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ 86 پئسا في يونٽ گهٽتائي سان چارج ڪئي وئي هئي. پڌرائيءَ مطابق سيپٽمبر جو ايف سي اي آگسٽ جي ڀيٽ صارفين کان وڌيڪ 42 پئسا في يونٽ گهٽ چارج ڪيو ويندو، ان جو ڊسڪوز جي سمورن صارفين سواءِ لائف لائن، پري پيڊ صارف ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ اسٽيشننز تي لاڳو ٿيندو جڏهن ته پڌرائيءَ مطابق اهو ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي لاڳو نه هوندو.