لاه??ر-25 آڪٽوبر (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان بيلجيئم جي سفير چارلس ايڊ سبالڊوان ڊرگراچٽ ڊي رو??رز وائل ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻه طرفي گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ لاڳاپن کي و??يڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي بيلجيئم جي سفير پنجاب جي وزيراعليٰ سان عوام دوست پاليسين جي تعريف ۽ معاشي ويزن کي ساراهيو. ملاقات دوران ڳالها??ين??ي مريم نواز چيو ته نوجوانن کي آءِ ٽي ۾ عالمي معيار جي مهارتن جي ٽريننگ ڏني پئي و??ي. پنجاب ۾ زرعي شعبي جي طريقي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪ- بيلجيئم ٻه طرفن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، ٻئي ملڪ پنهنجي لاڳاپن کي نين بلندين تائين پهچا??ين??ا، تعليم، آءِ ٽي ۽ زراعت جي شعبي ۾ بيلجيئم سان سهڪار کي و??يڪ هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. سفير چيو ته بيلجيئم پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته موسمياتي تبديلي جي اثرن تي ڪنٽرول ۽ـ ماحول جي بهتريءَ لاءِ پنجاب حڪومت جا قدم تعريف لائق آهن جنهن سان صوبي ۾ ڏور رس نتيجا حاصل ٿيندا.