استنبول-23 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن ن??وي استنبول ۾ ترڪيه جي دفاع واري وزير يسر گلير (Yasar Guler) سان اهم ملاقات ڪئي. ترڪيه جي دفاع واري وزير استنبول ۾ انٽرنيشنل ايڪسپو ۾ شرڪت تي وفاقي وزير محسن ن??وي جو ٿورو مڃيو. وفاقي وزير محسن ن??وي ترڪيه جي دفاع واري وزير کي پاڪستان ۾ ٿيندڙ آئيڊياز ايڪسپو ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ گڏيل لاڳاپن جي معاملن ??ميت پاڪ ترڪيه لاڳاپن کي هٿ?? ڏيڻ جي حوالي سان خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ واپار وڌائڻ جي اهميت تي زور ڀريو ويو. ٻنهي وزيرن پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ ٻطرفي سهڪار جي موجوده رفتار کي ساراهيو. ملاقات ۾ بهترين گڏيل مفادن ۾ سهڪار وڌائڻ جون وڌيڪ راهون ڳولڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ملاقات ۾ پاڪستان مان گوشت جو روانگي واپار وڌائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ترڪيه پاڪستان کان گوشت جي روانگي واپار لاءِ هر ممڪن تعاون جي آڇ ڪئي. گهرو وزير محسن ن??وي ترڪيه جي وزير طرفان گوشت جي روانگي واپار جي آڇ جي آجيان ڪئي. گهرو وزير محسن ن??وي چيو ته واپار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي ترڪيه حڪومت جي آجيان ڪنداسين. ٻطرفي تعاون کي پائيدار بنيادن تي هموار ڪرڻ لاءِ گڏيل و??دن جا دورا ضروري آهن. گهرو وزير محسن ن??وي استنبول ۾ عالمي نمائش لاءِ ترڪيه حڪومت جي بهترين انتظامن کي ساراهيو. ترڪيه حڪومت جي اعليٰ عملدارن کانسواءِ پاڪستاني سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد به ان موقعي تي موجود هو.