اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبل??ءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آ??ي ته غربت هڪ وڌندڙ سماجي ۽ مع??شي مسئلو آ??ي، غربت گهٽائڻ لاءِ عالمي سطح تي اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي، غربت جي خاتمي لاءِ عدل ۽ انصاف تي ٻَڌل مع??شري جي جوڙجڪ ضروري آهي. ڪالهه جاري بيان ۾ اسپيڪر غربت جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي پيغام ۾ چ??و ته غربت هڪ عالمي مسئلو آ??ي. هن چ??و ته سڄي دنيا ۾ خاص طور اُسرندڙ ملڪن ۾ عوام جو هڪ وڏو انگ غربت جي لڪير کان هيٺاهين واري زندگي گذاي رهيو آ??ي. اسپيڪر چ??و ته سماجي ۽ اداره جاتي ناانصافي ۽ غير منصفاڻا رَويا غربت جي خاتمي ۾ وڏيون رڪاوٽون آهن، جن جي ازالي جي ضرورت آهي. اسپيڪر سردار اياز صادق چ??و ته پاڪستان جي پارليامينٽ قانونسازي ذريعي ملڪ مان غربت جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي، موجوده حڪومت ملڪ مان غربت جي خاتمي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. هن چ??و ته پاڪستان ۾ پُٺتي پيل طبقن کي بااختيار بنائڻ لاءِ مختلف فلاحي ۽ سماجي منصوبا جاري ڪيا ويا آهن، موجوده حڪومت طرفان پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جاري ڪرڻ نوجوانن کي مالي طور تي پاڻڀرو بنائڻ جي بهترين ڪوشش آهي. اسپيڪر چ??و ته معياري تعليم ۽ بهتر طبي سهولتن کي هٿي ڏيڻ، هڪ بهتر ۽ محفوظ مستقبل لاءِ غربت جو خاتمو ضروري آهي.