لنڊن-29 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف، مولانا فضل الرحمان کي جميعت علماءِ اسلام (ف) جو بنا مقابلي ۽ گڏيل طور تي صدر چو??ڊج?? تي مبارڪ ڏني آ??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم چيو ته مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ جي يو آءِ (ف) هميشه عوام جي بهترين نمائندگي ڪندي آئي آ??ي، مولانا فضل الرحمان جي، جي يو آءِ (ف) جي صدر جي حيثيت سان چونڊ سان جمهوري قد??ن کي هٿي ملندي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ پارليامينٽ جي بالادستي جي قيام ۾ مولانا فضل الرحمان جو انتهائي اهم ڪردار آهي، اسان کي اميد آهي ته مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ جي يو آءِ (ف) ملڪ ۾ جمهوريت جي بالادستي ۽ هٿي وٺائ?? لاءِ بهترين ڪم ڪندي. وزيراعظم چيو ته مولانا فضل الرحمان جي قيادت ۽ ويزن هيٺ جي يو آءِ (ف) کي وڌيڪ بلندين طرف وٺي ويندي. وزيراعظم، مولانا عبدالغفور حيدري کي به جي يو آءِ (ف) جو جنرل سيڪريٽري چو??ڊج?? تي مبارڪ ڏني.