اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف مهمند ضلع ۾ خارجي دهشتگردن پاران فرنٽيئر ڪور ??ي?? ڪوارٽرز تي حملي ج?? ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته پاڪ فوج جي جوانن بهادري ۽ پيشيوراڻي مهارت سان ڪيمپ تي حملو ڪندڙ 4 آپگهاتي خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان ج??ري بيان ۾ وزيراعظم چيو ته مون سميت سڄي قوم پاڪ فوج جي بهادر آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. دهشتگردي جي لعنت کان ملڪ کي مڪمل طور ??اڪ ڪرڻ تائين ان خلاف جنگ ج??ري رکنداسين. پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان فتنه الخوارج جي دهشتگردن کان پاڪستان جي ڌرتي کي پاڪ ڪرڻ لاءِ مصروف آهن. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پاڪستان جي هٿ??ار??ند فوج سان گڏ بيٺل آهي.