اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بجلي چوري جي روڪٿام، لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ پهچ نظام ۾ بهتري حڪومتي سڌاراجاتي ايجنڊا جون ترجيحون آهن، بجلي ورڇ ڪند?? ڪمپنين ۾ سڌارن کانپوءِ انهن جي آئوٽ سورسنگ ۽ نجڪاري ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بجلي ورڇ ڪند?? ڪمپنين (ڊسڪوز) جي نئين مقرر ٿيندڙ چيئرمين ۽ بورڊ ميمبرن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني، اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني، فيصل آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني، ملتان اليڪٽرڪ پاور ڪمپني ۽ هزاره اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جا نوان مقرر ٿيندڙ چيئرمين ۽ ميمبر پڻ موجود هئا. وزيراعظم ڊسڪوز بورڊز جي نئين مقرر ٿيندڙ چيئرمين ۽ ميمبرن کي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم انهن مقررين جي عمل کي انتهائي شفاف انداز ۾ مڪمل ڪرڻ تي پاور واري وفاقي وزير ۽ سندس ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته توهان کي قومي خدمت جو موقعو مليو آهي، مون کي پورو يقين آهي ته توهان پنهنجي ذميواري پوري خوش اسلوبي سان نڀائيندا. هن چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته بجلي ورڇ ڪند?? ڪمپنين ۾ سٺن ماڻهن جي مقرري ٿي جن کي پنهنجي شعبي تي عبور حاصل آهي، نيون مقرريون توانائي جي شعبي جي سڌارن طرف پهريون قدم آهي، بجلي چوري جي روڪٿام، لائين لاسز ۾ گهٽتائي ۽ ٽرانسميشن نظام ۾ بهتري حڪومتي سڌاراجاتي ايجنڊا جون ترجيحون آهن. وزيراعظم چيو ته ڊسڪوز ۾ گورننس جي کوٽ آهي جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، بجلي ورڇ ڪند?? ڪمپنين جي ڊيجيٽائيزيشن ترجيح هجڻ گهرجي. هن چيو ته بجلي ورڇ ڪند?? ڪمپنين ۾ سڌارن کانپوءِ انهن جي آئوٽ سورسنگ ۽ نجڪاري ڪئي ويندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي ورڇ ڪند?? ڪمپنيون پنهنجون ڪسٽمر سروسز بهتر بڻائين. هن چيو ته سٺي ڪارڪردگي وار?? آف??سر?? جي پذيرائي ڪئي ويندي ۽ خراب ڪارڪردگي وار?? آف??سر?? کان پڇاڻو ڪيو ويندو. ان موقعي تي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ايس او اي ايڪٽ تحت بجلي ورڇ ڪند?? ڪمپنين کي پاليسي سازي ۾ خودمختياري حاصل آهي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پاور وارو وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، وزيراعظم جو پاور وارو خاص معاون محمد علي، وزيراعظم جو ڪوآردينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.