اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ اسرائيلي ميڊيا ۾ شايع ٿيندڙ ا??هن رپورٽس جي ترديد ڪندي ا??هن کي بي بنياد قرار ڏنو آهي جن ۾ پاڪستان پاران ايران جي ح??اي?? جي لاءِ ممڪن طور ائٽمي هٿيار موڪلڻ جي عزم جو الزام هنيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هڪ سوال جو جواب ڏيندي يروشلم پوسٽ جي 6 آگسٽ جي ان رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو ج??هن ۾ الزام هنيو ويو آهي ته جيڪڏهن ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ تڪرار وڌي ٿو ته پاڪستان ايران کي شاهين ٿري وچولي فاصلي تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائيل فراهم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. ترجمان چ??و ته اهڙيون خبرون ڪوڙيون آهن. هن چ??و ته اهڙي طرح جي رپورٽس تي ڪو ڌيان ڏيڻ کان اڳ اه?? ضروري آهي ته اهڙي بي بنياد رپورٽس جي پٺيان ماخذ ۽ ان جي پٺيان موجود بدنيتي تي ٻڌل ايجنڊا تي غور ڪيو وڃي. ترجمان چ??و ته هي وچ اوڀر ۾ هڪ نازڪ وقت آهي، ان لاءِ اسان ميڊيا سميت سمورين ڌرين کي گذارش ڪريون ٿا ته اه?? جعلي خبرن کي ڦهلائڻ ۾ ملوث نه ٿين.