اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته نوجوانن کي جديد تعليم ۽ فني تربيت ڏيڻ حڪومت جي اولين ??رجيح آهي، ڪا??ن ويلٿ آرٽي فيشل انٽيليجنس ڪنسورشيم ۾ شموليت سان پاڪستان جي نوجوانن کي تربيت جا موقعا ملندا ۽ اهي جديد عالمي ايجادن مان فائدو کڻي سگهندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جي قيادت ۾ 5 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سيڪريٽري جنرل اسڪاٽ لينڊ جي پاڪستان جي پهرين ??رڪاري ??ور?? جي آجيان ڪئي. پاڪستان جي سماجي، اقتصادي ۽ جمهوري ادارن جي لاءِ دولت مشترڪه جي مسلسل حمايت کي ساراهيندي وزيراعظم گڏيل دلچسپي جي معاملن خاص طور تي نوجوانن کي بااختيار بڻائن، بهتر ??ور??نس ۽ موسمياتي تبديلي تي دولت مشترڪه سان تعاون جي حڪومت جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چي?? ته 30 سالن کان گهٽ عمر جا نوجوان جيڪي پاڪستان جي آبادي جو ٻه ڀاڱي ٽي حصو آهن انهن کي جديد تعليم ۽ فني تربيت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ??رجيحن ۾ شامل آهي. هن پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام پاران کنيل مختلف قدمن تي روشني وڌي ۽ موجوده دور جي هاءِ ٽيڪ عالمي معيشت تائين پاڪستاني نوجوانن جي پهچ ۽ ان شعبي ۾ ترقي جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ دولت مشترڪه سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چي?? ته وزيراعظم جي قيادت ۽ ان پروگرام جي سڌوسنئون نگراني وزيراعظم جي ذ??تي دلچسپي ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي قدمن جي عزم جي عڪاسي آهي. سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بنائڻ ۽ سڌوسنئون اڳڀرائي ڄاڻڻ جي لاءِ پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ ڪا??ن ويلٿ جي پرفارمنس مئنيجمينٽ سسٽم جي آڇ ڪئي. هن پاڪستان کي ڪا??ن ويلٿ آرٽي فيشل انٽيلي جنس ڪنسورشيم ۾ شموليت جي پڻ دعوت ڏني. وزيراعظم پاڪستان جي سرڪاري شعبي ۾ ??ور??نس ۽ شفافيت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪا??ن ويلٿ پرفارمنس مئنيجمينٽ سسٽم جو جائزو وٺڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن سي اي آءِ اي ۾ شموليت جي دعوت جي پڻ آجيان ڪئي جتي پاڪستان جي نوجوانن کي تربيت جا موقعا ملندا ۽ اهي ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ جهڙي جديد عالمي ايجادن مان فائدو کڻي سگهندا ۽ پاڪستان جي پائيدار اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ بااختيار ٿيندا. وزيراعظم شهباز شريف موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ کي پاڪستان ۽ ڪا??ن ويلٿ جي گڏيل ترجيح قرار ڏنو. هن 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي موسمياتي تبديلي جي لاءِ آواز اٿارڻ ۽ پوري دنيا ۾ مصيبت ۾ ورتل پاڪستانين ??و آواز پهچائڻ جي قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان باڪو ۾ ايندڙ ڪوپ – 29 جي موقعي تي پاڪستان جهڙن ملڪن جيڪي موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن جي خطري ۾ ورتل آهن، جي لاءِ وڌيڪ عالمي تعاون کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ ڪا??ن ويلٿ سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو. سيڪريٽري جنرل اسڪاٽ لينڊ ٻوڏ کانپوءِ جي نئين ??ر تعمير جي لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڌيڪ تعاون فراهم ڪندي. وزيراعظم چي?? ته هو هلندڙ سال جي آخر ۾ سموا ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جو منتظر آهي. ملاقات ۾ وزيراعظم ۽ دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل اهڙي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن جي ذ??يعي ٻئي ڌريون گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي اتفاق راءِ پيدا ڪري دولت مشترڪه جي لاءِ هڪ روڊ ميپ تيار ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم سيڪريٽري جنرل اسڪاٽ لينڊ کي تيزي سان تبديل ٿيندڙ عالمي صورتحال ۾ دولت مشترڪه جي معاملن کي ڪاميابي سان هلائڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم سندس پاڪستان ۾ ڪامياب ۽ لاڀائتي قيام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پي ايم يوٿ پروگرام جو چيئرمين ??اڻا مشهود ۽ خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.