اسلام آباد-23 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي و??ير سينيٽر محمد اورنگزيب ??نانس ڊويزن ۾ موڊيز ريٽنگز جي نمائندن سان زوم گڏجاڻي ڪئي. اجلاس ۾ وزارت جي اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي. ناڻي واري وفاقي و??ير اجلاس جي شروعات پاڪستان جي معاشي نقطه نظر بابت بريفنگ ڏئي ڪئي. هن پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن کي 9 ارب آمريڪي ڊالرن کان وڌڻ، 12.6 سيڪڙو تي مستحڪم ناڻي واڌ ۽ پرڏيهه مان اماڻيل ناڻي ۾ 7.7 سيڪڙو جي زبردست اضافي تي روشني وڌي. ناڻي واري و??ير چيو ته مالي سال 2024ع ۾ ٽي??س وصولي ۾ 30 سيڪڙو اضافو ڪيو ويندو ۽ ٽي??س جي وصولي کي وڏي پئماني تي اثرائتو بڻايو ويندو جنهن ۾ ايف بي آر ۾ نوان زرعي ٽي??س ۽ ڊجيٽل قدم شامل آهن. هن بريفنگ ۾ ٻڌايو ته هڪ لک 50 هزار کان وڌيڪ کاڌي پيتي جون شيون وڪرو ڪندڙن پهريون ڀيرو ٽي??س ڏيندڙ طور داخلا ڪرائي آهي جيڪا ٽي??س جي بن??اد کي وسيع ڪرڻ ڏانهن هڪ اهم اڳڀرائي آهي. ناڻي واري و??ير ٻڌايو ته مالي سال 2027ع تائين اوڳاڙين کي جي ڊي پي جي 3 سيڪڙو تائين وڌائڻو آهي جنهن ۾ جي ڊي پي جي هڪ سيڪڙو جي بن??ادي سرپلس جا منصوبا به شامل آهن جيڪي مالياتي استحڪام ۽ ترقي لاءِ اڻٽر آهن. وفاقي و??ير محمد اورنگزيب ??وڊيز جي نمائندن کي آءِ ايم ايف سان پاڪستان جي 9 مهينن جي باءِ ارينجمينٽ جي ڪامياب تڪميل بابت اپ ڊيٽ ڪيو ۽ ميڪرو اڪنامڪ اهڃاڻن تي ان جي مثبت اثرن تي زور ڀريو. هن پاڪستان جي ترقياتي منصوبن جي مالي مدد جي حوالي سان گهڻ رخي ادارن جي اعتماد کي اجاگر ڪيو ۽ موڊيز کي هڪ نئين وچ مدي واري پروگرام لاءِ آءِ ايم ايف سان پاڪستان جي تازو ئي طئي ٿيل اسٽاف ليول ايگريمينٽ بابت آگاهه ڪيو. ناڻي واري و??ير توانائي جي شعبي ۽ سرڪاري ادارن ۾ جاري سڌارن تي زور ڀريو. موڊيز ريٽنگز جي نمائندن جامع بريفنگ کي ساراهيو ۽ مضبوط مالياتي سڌارن ۽ اسٽريٽجڪ قدمن ذريعي پاڪستان جي اقتصادي راهداري تي اعتماد جو اظهار ڪيو.