لاهور – 09 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ ??امع موقف اختيار ڪرڻ ۽ دانشمنداڻي مالياتي پاليسين کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معيشت جي مختلف شعبن، خاص طور تي زرعي شعبي کي جديد رخن تي ترقي ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. هو پروفيسر وارث مير ميموريل سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي صحافين، تعليمي ماهرن، سياسي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن جو وڏو انگ موجود هو. صدر چيو ته ميڊيا ماڻهن کي ا??هن جو آواز بلند ڪرڻ جي طاقت ڏني آهي، جڏهن ته ويجهڙ وارن سالن ۾ ميڊيا ۾ گروپ بندي پڻ ڏٺي وئي آهي. هن خبردار ڪيو ته دنيا ۾ هڪ مضبوط مذهبي لابي مسلمان معاشرن ۾ ورڇ پيدا ڪرڻ جي لاءِ ??صورن کي منظم ۽ منفي طريقي سان پيش ڪري رهي آهي. هن چيو ته هو صحافت جي آزادي جو حامي آهي ۽ هن سدائين ميڊيا جي سخت تنقيد کي برداشت ڪيو آهي. هن چيو ته معاشرن کي ا??جنڊا تي ٻڌل معلومات جي خلاف محتاط رهڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته زندگي ۾ مشڪلاتن ۽ آزمائشن کي منهن ڏيڻو پوي ٿ??، جڏهن ته چئلينجز جي سامهون ثابت قدم رهڻ تمام ضروري آهي. هن محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي جمهوريت جي لاءِ ??ياسي جدوجهد ۽ قربانين کي زبردس?? خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي تاري?? دٻاءُ جو مقابلو ڪرڻ ۽ شهادتن سان لکيل آهي ۽ ان سدائين پاڪستان ۾ جمهوريت جي نصب العين جي لاءِ ??دوجهد ڪئي آهي. هن چيو ته قتل جي ڪوششن ۽ سياسي دٻاءُ اسان کي مشن تان نه هٽائي سگهي ڇو ته اسان پختو يقين رکون ٿا ته زندگي ۽ موت الله جي هٿ ۾ آهي. صدر مرحوم پروفيسر وارث مير جي جمهوريت ۽ صحافت جي لاءِ ??دمتن ۽ تعاون کي پڻ زبردس?? خراج تحسين پيش ڪيو. هن فيصل مير ۽ حامد مير جي پنهنجي والد جي ميراث کي اڳتي وڌائڻ کي پڻ ساراهيو. سينيئر صحافي حامد مير سياسي ا??تقام جي ثقافت جي خاتمي ۽ 1973ع جي آئين کي ا?? جي اصل روح موجب اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سينيئر صحافي سهيل وڙائچ مرحوم پروفيسر وارث مير جي صحافت ۽ جمهوريت جي لاءِ ??دمتن کي ساراهيو. صدر جي سياسي حڪمت ۽ مفاهمتي ڪردار کي ساراهيندي هن چيو ته ملڪ کي سياسي مصالحت جي سخت ضرورت آهي ۽ صدر ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.