آستانه – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس اجلاس ۽ ايس سي او پل?? جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ قازخستان جي گادي واري شهر آستانه پهچي ويو. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آستانه جي نور سلطان نذر بائيوف عالمي هوائي اڏ?? تي قازخستان جي وزيراعظم اولهاز بيڪٽونوف، قازخستان جي نائب وزيراعظم علي بيڪ بيڪايوف، آستانه شهر جي ميئر زهينس قاسم بيڪ، قازخستان ۾ مقرر پاڪستان جي سفير نعمان بشير ۽ ٻئي سفارتي عملي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم 3 ۽ 4 جولاءِ 2024ع تي آستانه، قازقستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس اجلاس (سي ايڇ ايس) ۽ ايس سي او پل?? جي سربراهي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم سربراهي اجلاسن جي موقع?? تي شريڪ اڳواڻن سا?? ملاقاتون پڻ ڪندو.