بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف سان چائنا ناردرن انڊسٽري ڪارپوريشن (نورينڪو) جي چ??ئر??ين ملاقات ڪئي. وزيراعظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. نورينڪو جي چ??ئر??ين محمد شه??از شريف جي پنجاب جي وڏي وزير جي طور ترقياتي منصوبن کي تيز رفتاري سان مڪمل ڪرڻ ۽ پاڪستان ۽ پنجاب اسپيڊ جو خصوصي ذڪر ڪيو. نورينڪو جي چ??ئر??ين وزيراعظم جي نگراني هيٺ منصوبن جي رفتار ۽ معيار کي ساراهيندي چيو ته توهان جي سرپرستي ۾ لاهور اورنج ٽرين ميٽرو جو منصوبو وقت سر تيار ٿيو. وزيراعظم نورينڪو جي چ??ئر??ين کي پاڪستان ۾ مواصلات جي منصوبن خاص طور تي ڪراچي سرڪلر ريلوي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ آسانيون پيدا ڪيون پيون وڃن، ان حوالي سان خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل حڪومت جو هڪ اهم قدم آهي.