اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چيني قيادت جي دعوت تي چين جي سرڪاري دوري جي پهرين م??حلي ۾ شينزن پهچي شهر جي خوبصورتي ۽ ترقي ??ان متاثر ٿيو آهيان جيڪا جديد دور جي چين جي عڪاسي ڪري ٿي. ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي پنه??جي پيغام ۾ هن چيو ته چين جي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ ۽ ٻين چيني اڳواڻن ۽ اعليٰ عملدارن سان باضابطا ڳالهه ٻولهه جي لاءِ بيجنگ وڃڻ ??ان اڳ شينزن جي صوبائي عملدار??، ڪاروباري برادري ۽ صنعتي ادارن سان ڳالهه ٻولهه تي ٿورائتو آهيان.